اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لنڊن ۾ اڳوڻي چي?? جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ پاڪستاني ها??ِ ڪميشن جي گاڏيءَ تي حملي جي افسوسناڪ واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ نادرا کي حملو ڪندڙن جي سُڃاڻپ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو ح??م ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير نادرا کي هدايت ڏني ته فوٽيجز ذريعي حملو ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي. حملي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پاڪستان ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. گهرو وزير چي?? ته حملو ڪندڙن جو شناختي ڪارڊ بلاڪ ۽ پاسپورٽ رد ڪيو ويندو، ??ن حملو ڪيو آهي انهن جي شهريت ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چي?? ته شهريت ختم ڪرڻ جو ڪيس منظوريءَ لاءِ ڪابينه ڏانهن موڪليو ويندو. هن واضح ڪيو ته ڪنهن کي به اهڙيءَ طرح جي حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. لنڊن ۾ پاڪستاني ها??ِ ڪميشن جي ڪار تي حملو ٿيو آهي، اسان ان واقعي تي خاموش نٿا ويهي سگهون. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اڳوڻي چي?? جسٽس کي ڌمڪيون ملي رهيون هيون ته ان کي سيڪيورٽي ڇو نه فراهم ڪئي وئي.