اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ايف بي آر جي ت??و??ز تي ايف بي آر ريفنڊ سيٽليمينٽ ڪمپني لميٽيڊ تحت جاري ڪيل 30 ارب رپين جي بانڊز جي عيوض ايتري ئي رقم جي ٽيڪنيڪل ضمني گرانٽ جي ادائيگي ۽ چيڪن جي صورت ۾ سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪرڻ سميت ملڪ ۾ تيل جي ڳولا ۽ پيداوار وڌائڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ، ڪاروباري سهولتن کي به??ر بڻائڻ، ٻين ضمني معاملن بابت 18 ملڪي قانونن ۽ ان سان واڳيل اٽڪل 25 قانوني مرحلن کي آسان ۽ سادو بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻ?? ۽ ??وڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.