اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??ي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميڊيا کي طاقتور ادارو بڻائڻ لاءِ وزيراعظم ??مران خان جي ويزن جي روشني ۾ 72 سالن کانپوءِ ”قومي ميڊيا پاليسي“ آڻي رهيا آهيون، پاليسي صرف اشتهارن تائين محدود نه پر ميڊيا جي سمورن شعبن جي حقن جي ضامن، جذبن، احساسن ۽ ضرورتن جي عڪاسي ڪندي، ??يڊيا سان گڏجي ميڊيا انڊسٽري کي مسئلن مان ڪڍي هڪ اهڙو روڊ ميپ ڏئي رهيا آهيون جنهن ۾ حقيقتن ۽ فرضن جي وچ ۾ توازن قائم ٿيندو، ميڊيا ملڪ ۽ ??وم جي مفاد ۾ سچ لکي، ??روڀرو الزام تراشي سان وقتي شهرت ته ملندي آهي پر عوام جي عدالت ۾ حقيقي شڪست ٿيندي آهي، رياست ۽ ??حا??ت ٻئي گڏوگڏ هلي رهيا آهن، حڪومت ان ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ??حا??ي حنيف خالد جي ڪتاب ”اڌ صدي جو ??حا??تي سفر“ جي رونمائي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.