ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ساهيوال ڊويزن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرينز ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاق??ت ۾ راءِ محمد مرتضيٰ اقبال، سيد صمصام علي بخاري، ملڪ نعمان احمد لنگڙيال، چوڌري محمد نوريز شڪور، شيخ محمد چوهاڻ، ملڪ فيصل جلال ڍڪو، مهر ارشاد حسين ڪاٺيا، وحيد اصغر ڊوگر، سيد محمد مظفر کگا، راءِ حسن نواز خان، فيض الله ڪموڪا، شڪيل احمد نيازي، راڻا آفتاب احمد، نبيلا اعواڻ، ڊاڪٽر مظهر شيرازي ۽ وسيم رامي شريڪ هئا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور پڻ ملاق??ت ۾ شريڪ هئا. وفد ساهيوال جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاق??ت ۾ سياسي معاملن، عوامي ڀلائي، ترقياتي منصوبن، خاص طور تي صحت، تعليم جي سهول??ن جي فراهمي، زرعي شعبي جي ترقي جي حوالي سا?? جاري قدمن ۽ مستقبل جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاق??ت ۾ پارليامينٽرينز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اسلامي فلاحي رياست جي ويزن جي روشني ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.