اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي منصوبي فراش ٽائون اپارٽمنٽس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. اهو منصوبو ايف ڊبليو او، سي ڊي اي ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سهڪار سان ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿ??ندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب منصوبي ۾ جديد سهولتن سان آراسته 3960 فل??ٽس ٺاهيا ويندا، جيڪي رهواسين کي سستي رهائشي فراهم ڪندا. 84 ايڪڙ تي ٻڌل ان م??صوبي ۾ وزيراعظم جي ويزن م??جب وچولي طبقي ۽ ڪچي آبادين جي رهواسين لاءِ خصوصي طور تي فل??ٽس مختص ڪيا ويا آهن، منصوبي جي ماحولياتي رخ کي نظر ۾ رکندي گرين بيلٽس ۽ پارڪس جي قيام کي به خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم ان م??قعي تي ٻوٽو به لڳايو.