اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرم??ن محمد صادق سنجراڻي ??ان آذربائيجان جي سفير پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب آذربائيجان جي سفير علي آليزاده سينيٽ چ??ئرمين ??ان سندس پڦي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ ڪور??نا وبا جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به بحث ٿيو، سينيٽ چ??ئرمين چيو ته پاڪستان ?? آذربائيجان جي وچ ۾ واپاري تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، معاشي تعاون ??ان ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ سيڙپڪارن کي ويجهو آڻڻ جو موقعو ملندو، گڏيل لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جو فروغ نهايت ضروري آهي، هن چيو ته پاڪستان ?? آذربائيجان سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. ناگورنو، ڪاراباخ ۽ ڪشمير مسئلي تي ٻنهي جو تعاون ويجهي لاڳاپن جو ثبوت آهي.