اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ماضي ۾ جنگيون طاقت جي زور تي وڙهيون وينديون هيون، هاڻي عوامي راءِ جي جنگ وڙهي وڃي ٿي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان 70 هزار جانين جون قربانيون ڏنيون پر اڄ تائين ان تي ڪو ڪتاب ناهي لکيو ويو، ميڊيا جو منظرنامو ڪافي حد تائين سگهه اختيار ڪري چڪو آ??ي، اڄ ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽ??ئي??مينٽ 25 ارب روپين تائي?? پهچي وئي آ??ي، فيس بڪ ۽ گوگل پاڪستان مان 7.5 ارب روپين جي اشتهارن جو بزنس ڪيو، رجحان بدلجي رهيو آ??ي، ميڊيا ۾ ٽيڪنالاجي جي مداخلت سبب ڪجهه جاين تي نوڪريون ختم ٿيون ۽ ڪجهه نيون ملازمتون پيدا ٿيون، اسان کي پنهنجو موقف دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ ۽ ميڊيا ۾ ترقي جي لاءِ ڊيجيٽل ميڊيا تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪ ۾ موجود 42 جرنلزم اسڪولن ۾ 1960ع جو نصاب پڙهايو پيو وڃي جڏهن ته ٻاهرئين دنيا ۾ لائٽس ۽ سائونڊز ۾ ماڻهن پي ايڇ ڊي ڪري رکي آ??ي، اسان وٽ پري پري تائين اهڙا ماڻهو ميسر نه آهن، ميڊيا جي ترقي لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي، ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ۾ ايني ميشن، ويزوئل ايفيڪٽس، فلم سازي، ڪئميرا ورڪ سميت ميڊيا جي مختلف شعبن بابت تعليم ڏني ويندي، ميڊيا ۾ 1500 انٽرن شپس ڏنيون وينديون، پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ۽ ريڊيو جي ن??ريات انٽرنيٽ تي منتقل ڪئي وئي آ??ي، ڪيبل آپريٽرز جي لاءِ ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي منظور ڪئي وئي، ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏنا ويندا ته جئين اهي پنهنجي صارفين کي ڊيجيٽل ڪيبل فراهم ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي نيشنل ميڊيا ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا جي مختلف طريقن جي وچ ۾ فرق ختم ٿي چڪو آ??ي، اڄ ٽي وي ۽ اخبار جي جاءِ موبائيل فون وٺي ڇڏي آ??ي، هاڻي موبائيل فون ئي اسان جي اخبار، سوشل ميڊيا ۽ فلم جو ذريعو آهي. وفاقي وزير چيو ته پيمرا وٽ ڏنڊ وجهڻ جي وڌ کان وڌ حد 10 لک روپيا آ??ي، موجوده دور ۾ خاص طور تي وڏن ادارن جي لاءِ ڏنڊ نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ائين نٿو ٿي سگهي ته سي اين اين آمريڪا جو سڀ کان وڏو ٽي وي چينل هجي ۽ اهو ئي سڀ کان وڏي اخبار به هلائي رهيو هجي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه اهڙا ادارا آهن جن ميڊيا جا چئنلز ٺاهيا پر حقيقت ۾ انهن جو ڪاروبار ڪجهه ٻيو آ??ي، ميڊيا ادارن ۾ سيٺ جي ڪردار جي ڪري جنهن منظم ميڊيا کي اڳتي وڃڻ گهربو هو اها نه وڃي سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت اٽڪل 7 اهڙا چينلز آهن جيڪي غيرقانوني آهن، انهن چينلز تفريحي چينل يا ايجوڪيشن چئنل لائسنس حاصل ڪيو ۽ اهي نيوز چئنل هلائي رهيا آهن جڏهن ته انهن چينلز عدالتن مان منع نامو به حاصل ڪري رکيو آ??ي، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ريگيوليشن فريم ورڪ کي مضبوط ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته مون 2018ع ۾ چيو هو ته چينلز کي ڊيجيٽل نه ڪيو ويو ته ان سان ميڊيا جي صنعت ۾ بحران پيدا ٿيندو. ان وقت ايف بي آر کي خط لکي چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽ??ئي??مينٽ چار ارب روپيا آ??ي، ايندڙ پنج سالن ۾ اها 12 ارب کان 16 ارب روپين تائي?? پهچي ويندي، ان لاءِ ريگوليشنز ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽ??ئي??مينٽ 25 ارب رپين تائي?? پهچي وئي آ??ي، فيس بڪ ۽ گوگل پاڪستان مان 7.5 بلين روپين جا اشتهار ورتا، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته رجحان تبديل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي س??ئي?? به وڌي رهي آ??ي، هن ٻڌايو ته هڪ نجي اخبار 15 آفيسون ختم ڪري ڪراچي ۾ هڪ هيڊ آفيس قائم ڪئي ۽ 16 آفيسن جو ڪم هڪ آفيس ۾ ٿيڻ لڳو، چوڌري فواد حسين چيو ته ٽيڪنالاجي ميڊيا ۾ خلل ته وڌو آهي پر ٻئي طرف سوين ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا به ٿيا آهن، ماڻهن يوٽيوب ۽ ويب سائيٽس تي روزگار حاصل ڪيو، هڪ طرف روزگار ختم ٿيو ته ٻئي طرف روزگار جا موقعا به پيدا ٿيا. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ماضي ۾ اطلاعات ??اري وزارت کي حڪمران پارٽي جو ترجمان بڻايو ويو هو، اڄ اطلاعات ??اري وزارت رياست جي ترجمان جي حيثيت سان ڪم ڪري رهي آ??ي، هن وڌيڪ چيو ته سي اين اين نور مقدم ڪيس جي حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عورتن جي لاءِ محفوظ ملڪ نه آ??ي، جڏهن اسان انگ اکر حاصل ڪيا ۽ کين ٻڌايو ته آمريڪا ۾ عورتن جي خلاف ظلم پاڪستان کان ڏهوڻ تي وڌيڪ آهن، هن چيو ته اسان جو موقف اهي شايع نه ٿا ڪن. هن چيو ته ماضي ۾ جنگيون طاقت جي زور تي وڙهيون وينديون هيون، پر هاڻي عوامي راءِ جون جنگيون وڙهي پيون وڃن. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان 70 هزار جانين جون قربانيون ڏنيون پر اڄ تائين ان تي ڪو به ڪتاب ناهي لکيو ويو ۽ نه ئي اهڙي ڪا فلم ٺاهي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو هجي ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته فلم ۽ ٽي وي جي حوالي سان اسان کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي، اسان کي ن??ين ريگوليشنز آڻڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ سڀ کا?? پهرين ڊيجيٽل ميڊيا تي ڌيان ڏيڻو پوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت 25 ارب روپين جي ڊيجيٽل ايڊورٽ??ئي??منٽ آ??ي، ايندڙ پنج سالن ۾ يقينن اسان جي ايڊورٽ??ئي??منٽ جي بجيٽ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هوندي، رسمي ايڊورٽ??ئي??منٽ ۽ ڊيجيٽل ايڊورٽ??ئي??منٽ جي بجيٽ ٻن سالن ۾ اپ سيٽ ٿي ويندي، رسمي ايڊورٽ??ئي??منٽ هيٺ ايندي ۽ ڊيجيٽل ايڊورٽ??ئي??منٽ مٿي ويندي. وفاقي وزير چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي ترقي جو مطلب اهو ناهي ته اخبارون ۽ ٽي وي ختم ٿي وينديون، هن چيو ته مستقبل ۾ اسان جا ٻار ٽي وي بدران ليپ ٽاپ ۽ فون کي اهميت ڏيندا. اطلاعات ??اري وزير چيو ته دنيا ۾ لائٽس ۽ سائونڊز ۾ ماڻهن پي ايڇ ڊي ڪري رکي آهي جڏهن ته اسان وٽ پري پري تائين اهڙا ماڻهو ميسر ناهن، هن چيو ته ان شعبي ۾ ترقي جي لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهي رهيا آهيون، برطانيه جي بورن موٿ يونيورسٽي به ان ۾ اسان سان حصيداري ڪري رهي آهي. هن چيو ته ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ۾ ايني ميشن، ويزوئل ايفيڪٽس، فلم سازي، ڪئميرا ورڪ بابت تعليم ڏني ويندي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير ٻڌايو ته ملڪ ۾ جرنلزم جا 42 اسڪول آهن، انهن ۾ 1960ع جو نصاب پڙهايو پيو وڃي، هن چيو ته اسان کي ان نصاب کي جديد رخن تي هموار ڪرڻو پوندو، چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته اسان پي ٽي وي ۾ 200 انٽرن شپس، اي پي پي ۾ 500 انٽرن شپس ۽ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۾ 300 انٽرن شپس ڏئي رهيا آهيون، ميڊيا ۾ مجموعي طور تي 1500 انٽرن شپس ڏنيون وينديون، هن ٻڌايو ته اسان ماضي ۾ ڪيل غلطين کي ختم ڪري رهيا آهيون، اسان گذريل ٽن مهينن دوران وڏا ريفارمز ڪيا جنهن تي اسان کي فخر آ??ي، هن چيو ته پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ڪيو ويو جڏهن ته ريڊيو جي ن??ريات انٽرنيٽ تي منتقل ڪئي وئي آ??ي، ان کانسواءِ اسان ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي جي منظوري ڏني آ??ي، هن ٻڌايو ته هن وقت اڪثر ڪيبل اينا لاگ آ??ي، اسان جا چار هزار ڪيبل آپريٽرز آهن جنهن جا ٻه ڪروڙ صارفين آهن، انهن صارفين مان ڏيڍ ڪروڙ صارفين اهڙا آهن جيڪي اينالاگ ڪيبل استعمال ڪري رهيا آهن جڏهن ته 50 کان 60 لک صارفين ڊيجيٽل ڪيبل تي آهن، هن ٻڌايو ته اسان ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجي صارفين کي ڊجيٽل ڪيبل فراهم ڪري سگهن. هن چيو ته اسان سبسڪرپشن جو ماڊل به متعارف ڪرائي رهيا آهيون، اسان وٽ انگريزي چينلز نه هجڻ جو هڪ اهو سبب آهي ته ان جي سبسڪرپشن نه آ??ي، هن مثال ڏنو ته لياري ۾ باڪسنگ جو ٽورنامينٽ ٿي رهيو هجي شايد اهو پوٺوهار جي ماڻهن جي لاءِ دلچسپي جو سبب نه هجي پر لياري جا ماڻهو ان ۾ دلچسپي رکندا تنهن ڪري لياري جو مقامي ڪيبل آپريٽر اهو ٽورنامينٽ خريد ڪري پنهنجي صارفين کي سبسڪرپشن جي ذريعي ڏيکاري سگهي ٿو، ان سان ميڊيا جي منظرنامي ۾ هڪ وڏي تبديلي ايندي، وفاقي وزير ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب به ڏنا.