اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ”??حس??س ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام تحت غريب ماڻهن کي بهترين کاڌو فراهم ڪيو وڃي، پروگرام جي دائري ڪار ۾ واڌ ڏيڻ جي موقعي ??ي وزيراعظم هدايت ڪئي ته غريب ماڻهن کي فراهم ڪيل کاڌي جي معيار جي حوالي سان شڪايت نه اچڻ گهرجي، وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي پروگرام ۾ توسيع جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هنن ٻڌاي?? ته ” ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام تحت هن وقت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو ويندو آهي. وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪيو. جنهن کانپوءِ هاڻي 7 شهرن ۾ 16 ٽرڪن جي ذريعي کاڌو ورهايو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو وي?? ته آڪٽوبر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويندو، ”??حس??س ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جي ذريعي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو آهي. هن وقت تائين پنج شهرن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، هن سال جي آغاز تي وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ه?? ته ڪير به بکيو نه سمهندو. ??حس??س ڪير بکيو نه سمهي قدم وزيراعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آهي، سرندي وارن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ??حس??س ڪير بکيو نه سمهي عطيات فنڊ به قائم آهي.