اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي انٽرنيشنل ميڊيا سميت پوري دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، هيستائين چار هزار جي لڳ ڀڳ ويزا جاري ڪيا ويا آهن، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسان جو ڪردار سڀ کان اهم آهي، افغانستان جي صورتحال ??ي حوالي سان سمورين عالمي ۽ علائقائي طاقتن سان اسان جو و??جهو رابطو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ افغانستان جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت سازي اتان جي عوام کي ڪرڻي آهي، اسان جي ڪوشش پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ جاري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل ۾ پيدا ٿيل صورتحال ??ي ڪري صحافين، انٽرنيشنل ميڊيا جي ميمبر??، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ?? مختلف سفارتخانن جي عملي جو نڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين ڪابل کان اٽڪل 1400 ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ سهولت ڏني. هن وقت تائين پاڪستاني سفارتخاني اٽڪل 4 هزار ويزا جاري ڪيا جڏهن ته 2 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو و??و آهي.