اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ??يم ڊي اي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف ??ب ڪميٽي جوڙي، عين وقت تي سب ڪميٽي جي اجلاس کي ملتوي ڪري مريم اورنگزيب سميت مخالف ڌر پارليامينٽ جي فورم کي پاڻ بي توقير ڪري رهي آهي. سومر ڏينهن مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اها سب ڪميٽي مسلم ليگ ن جي مريم اورنگزيب جي سربراهي ۾ جوڙي وئي، سب ڪميٽي جو اڄ سومر تي پهريون اجلاس پاڻ گهرائي عين وقت تي ملتوي ڪيو ويو، پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جو سبق ڏيندڙن جو منافقاڻو رويو کلي سامهون اچي ويو آهي. هن چيو ته انهن لاءِ ميڊيا جي ڊولپمينٽ، فيڪ نيوز جي خاتمي ۽ روڪنگ جرنلسٽ ۽ ميڊيا ورڪرز جي نوڪرين جي تحفظ، وقت سر ??گهارن جي ادائيگي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڪا دلچسپي نه آهي.