اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزي?? شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان اف??انستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، دنيا کي اف??انستان ۾ زميني حق??قتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملا هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي پناهگيرن جي هاءِ ڪمشنر فيلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن گذريل ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اف??انستان مان پرڏيهين جي واپسي ۽ اف??ان شهرين لاءِ انساني امداد بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اف??ان شهرين کي موجوده حالتن ۾ اڪ??لو نه ڇڏيو وڃي ۽ انساني بنيادن تي اف??ان شهرين لاءِ خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪ??و وڃي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ اف??انستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملن کي هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي، دنيا کي اف??انستان ۾ زميني حق??قتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طالبان کي اف??انستان ۾ حڪمرانيءَ لاءِ مالي ۽ انساني وسيلا يقيني بڻائڻا پوندا، طالبان جي اثر هيٺ حڪومت اف??انستان جي هڪ ئي ڏينهن ۾ يورپ جي ترقي ممڪن ناهي، اف??انستان ۾ امڪاني انساني ڏُڪار بدامني ۽ لاقانونيت کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته انساني همدرديءَ تحت خوراڪ ۽ دوائن جون ٽرڪون ۽ جهاز اف??انستان اُماڻيا آهن. موجوده حالتن ۾ پاڪستان اف??ان شهرين جي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جاري رکندو. گهرو وزير چيو ته هاڻوڪي تناظر ۾ پاڪستان ۾ نڪو اف??ان پناهگير آهي نه ئي اف??ان ڪيمپ. اف??انستان مان غير ملڪي ۽ اف??ان شهرين کي ڪڍڻ لاءِ سهولت مرڪز 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان طرفان 30 لک اف??ان پناهگيرن جي لڳاتار سارسنڀال ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. گڏيل قومون اف??ان شهرين کي اڪ??لو نه ڇڏينديون، انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. گڏيل قومن اف??انستان لاءِ فنڊ ۽ امداد لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي عملي جي سيڪيورٽي ۽ ويزا سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جا شڪرگذار آهيون. گهرو وزير پاڪستان ۾ اف??ان پناهگيرن جي امداد تي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جا ٿورا مڃيا.