اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ جن ماڻهن پهريُون ڊوز هڻايو آهي اهي ميسيج جي انتظار بدران ويجهي ويڪسينيشن سينٽر تان ويڪسين جو ٻيو ڊوز لڳرائين، 30 سيپٽمبر تائين جيڪي ويڪسين نه لڳرائيندا اهي ڪيترين ئي سهولتن کان محروم ٿي ويندا. ڪورونا ويڪسينيشن بابت پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪورونا ??با کي پوري دنيا منهن ڏئي رهي آهي. مقابلو هڪ ڏکيو مرحلو هو، پاڪستان ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي. هن چيو ته ضروري آ??ي ته فوري طور تي پاڻ کي ۽ گهرڀاتين کي ويڪسين لڳرائي پنهنجو پاڻ ۽ معاشري کي محفوظ بڻايو، ڪورونا وائرس جو ??راف جيترو هيٺ ويندو معيشت، روزگار ۽ معمولات زندگي ايت??ي بهتر ۽ محفوظ ٿيندي.