ڪابل – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي جمعي ڏينهن هتي پهچي ويو. گهرو وزير احسن اقبال، خيبرپختونخوا جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا، قومي سلامتي جو صلاحڪار ل??فٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه وزيراعظم سان گڏ آهن، افغان صدارتي محل پهچڻ ت?? وزيراعظم جي اعزاز ?? باضابطه استقباليه تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ افغان صدر اشرف غن?? وزيراعظم جي آجيان ڪئي.