اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائ?? ترقياتي بئنڪ هاڻي ٻوڏ ۽ رسد جي رڪاوٽن جي روشني ۾ سماجي تحفظ، غذائي سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي مدد جي سلسلي ۾ پاڪستان لاءِ 1.5 ارب ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏني آهي. اها ڳالهه ايشيائ?? ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي، ايشيائ?? ترقياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس وڌ ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچرز (بريس) پروگرام تحت فراهم ڪيل مدد پاڪستان حڪومت طرفان يوڪرين بحران سميت پرڏيهي شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ 2.3 ارب ڊالرن جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ايشيائ?? ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌايو ته ڪووڊ 19 کان پاڪستان جي بحالي ۾ پرڏيهي جهٽڪن سبب رڪاوٽون پيدا ٿيون، وڌندڙ ڪاروباري ۽ ذاتي خرچ لکين پاڪستانين خاص طور غريب ۽ معاشي طور ڪمزور طبقن کي متاثر ڪيو، هن ٻڌايو ته ايشيائ?? ترقياتي بئنڪ جو پروگرام حڪومت کي بلند قيمتن جي اثرن ۽ غذئي عدم تحفظ ۾ واڌ، ڪاروباري سرگرمين ۾ سستي رويي ۽ اقتصادي طور ڪمزور گروهن جي آمدني کي گهٽ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سان مسئلن ۾ واڌ پڻ ٿي آهي، هن ٻڌايو ته ايشيائ?? ترقياتي بئنڪ جي ??نا??سنگ سان حڪومت ک?? ترقياتي خرچن جي پڪيج کي ??اڳ?? ڪرڻ لاءِ گهربل مالي جاءِ فراهم ٿي??دي?? جيڪا پاڪستان جي غريب خاندانن لاءِ ڊزائين ڪئي وئي آهي.