اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي جنرل مئنيجر (جي ايم) خالد محمود لکڻ جي خلاف هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران هنيل سزا جو حڪم برقرار رکيو آهي. جنسي هراسمينٽ ڪيس ۾ جي اي?? پي ٽي وي کي نوڪري تان برطرفي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني وئي آهي. خالد محمود کي پي ٽي وي سينٽر ملتان جي هڪ عورت ميڪ اپ آرٽسٽ کي هراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب هڪ هفتي جي اندر جو??بد??ر تي سزا لاڳو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي هئي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? جي اي?? پي ٽي وي جي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي. هن پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اسان جو مذهب ۽ قانون ٻئي اهڙي قسم جي عمل جي سختي سان حوصلا شڪني ڪن ٿا، معاشري ۾ سماج دشمن ۽ عورتن کي هراسان ڪندڙن کي واضح پيغام ڏيڻ ضروري آهي، پاڪستان عورتن طرف اهڙي اڻوڻندڙ رويي کي برداشت نه ڪندو. صد?? چيو ته جو??بد??ر پاڻ ڪارروائي کي ڊيگهه ڏني ۽ بار بار التوا جو فائدو ورتو. هن چيو ته منصفاڻي ٽرائل جو حق انصاف جو مڃيل اصول آهي پر قانوني عمل جي غلط استعمال جي پڻ اجازت نه آهي، ضروري آهي ته اسان عورتن جي لاءِ عوامي ۽ نوڪرين وارين جاين کي محفوظ بڻايون، بار بار التوا جي رجحان جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. صد?? چيو ته ان ڪيس ۾ هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب صحيح حڪم جاري ڪيو، فيصلو قانون ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهي.