اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته 8 فيبروري تي عام چونڊون منعقد ٿيڻ تي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، 9 مئي کان??وء?? رياستي ڏاڍ جو ڪو ثبوت سامهون ناهي آيو، اهو رڳو الزام آهي، نگران حڪومت قومي معيشت بهتر بڻائڻ جي لاءِ محدود مينڊيٽ ۾ رهندي جيڪو ممڪن آهي، ڪري رهي آهي، باقي ڪم ايندڙ حڪومت ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ”انڊپينڊنٽ اردو“ کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. چونڊن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته 8 فيبروري ت?? ملڪ ۾ عام چونڊون ٿينديون، ان حوالي سان قوم کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ عام چونڊون آزاداڻيون ٿينديون، اسان چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان گڏ آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ماڻهو مختلف سياسي تجزيا پيش ڪندا رهندا آهن، ڪنهن اڳواڻ جي مقبوليت ڪيتري آهي ان جو اندازو عام چونڊن ۾ ٿي ويندو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ان جي پارٽي جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اڃا تائين ان تي ڪا پابندي نه آهي. مستقبل ۾ ڪهڙي صورتحال هوندي ان بابت هو هينئر ڪجهه نٿو چئي ??گه??. في الحال اڳوڻو وزيراعظم چونڊون وڙهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن جي مبينا گمشدگين، منظرعام تي اچڻ ۽ سياست ڇڏڻ جي اعلانن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي رياستي ادارن تي حملا ٿيا جنهن کان??وء?? ڪيترائي ماڻهو روپوش ٿي ويا، ان روپوشي دوران ڪنهن غور فڪر جي نتيجي ۾ پي ٽي آئي يا سياست ڇڏي ڏيڻ، انهن ماڻهن جو ذاتي فيصلو آهي. ان بابت هو ڪجهه چوڻ کان قاصر آهي جڏهن ته هن واضح ڪيو ته انهن سان رياستي ڏاڍ جو ڪو ثبوت سامهون ناهي آيو، نه ئي ڪنهن رياستي ڏاڍ جي ڳالهه ڪئي، اهو رڳو الزامن جي حد تائين آهي. نگران وزيراعظم ليول پليئنگ فيلڊ نه هجڻ جي الزامن کي به رد ڪيو. نگران وزيراعظم نگران حڪومت جي قومي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نگران حڪومت وٽ هڪ محدود مينڊيٽ آهي ۽ ان ۾ رهندي هو جيڪو ڪم ڪري ??گه??دا، ڪندا، باقي ڪم ايندڙ حڪومت جي لاءِ ڇڏي ويندا. پي آئي اي جي نجڪاري جي پٺيان مخصوص عنصرن جي هجڻ بابت سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته اهي سازشي مفروضا آهن جن جي ڪر?? ملڪ هن حالت تائين پهتو آهي. نجڪاري جي لاءِ ماهر صلاحڪار ??قرر ٿيو آهي ۽ بهترين طريقيڪار اختيار ڪيو پيو وڃي جنهن جي 50 سالن کان??وء?? به آڊٽ ٿي ??گه??دي. نگران وزيراعظم پنهنجي ان راءِ جو اظهار ڪيو ته حڪومتون ڪاروبار ??اهن هلائينديون.