اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان احساس راشن پورٽل، احساس لنگر، پناهه گاهه ايپس ۽ وز??راعظم ڪورونا رليف فنڊ ويب سائيٽ سميت ٻين (ويب سائٽس ۽ ايپس) احساس قد??ن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، انهن قد??ن جو مقصد ڪوويڊ 19 بابت رليف جي قد??ن جي سلسلي ۾ حڪومت ۽ سول سوسائٽي جي بهتر حصيداري ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي، اهي قدم شروع ڪرڻ جو بنيادي مقصد ڊونرز، فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن کي سهولت ڏيڻ سان گڏوگڏ بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن ڪوويڊ 19 جي صورتحال ۾ اهي حڪومت سان وڌيڪ بهتر حصيداري تحت قدم کڻي سگهن. ان ??وا??ي سان تق??يب کي خطاب ڪندي وز??راعظم عمران خان چيو ته حڪومت ڪوويڊ 19 کان معاشري جي متاثر طبقن جي مدد ۽ سپورٽ جي لاءِ عطيو ڪيل هر هڪ رپئي جي ??وا??ي سان شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت انهن لاڳاپيل ايپس ۽ ويب سائٽس کي لائونچ ڪري شفافيت جي ??وا??ي سان ڊونرز کي اعتماد فراهم ڪري رهي آهي. نئين لائونچ ڪيل پي ايم ويب سائٽ بابت هن چيو ته ان تي سمورن فائدو کڻندڙن جي فهرست شايع ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته احساس پروگرام ۾ به شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي. وز??راعظم عمران خان ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سندس ٽيم جي احساس ڪيش پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي ??وا??ي سان ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته پروگرام تحت رقم جي شفاف ۽ موثر پهچ کي يقيني بڻايو ويو آهي.