اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوامي جمهوريه بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي ٽيلي فون ڪئي ۽ ساڻس بنگلاديش ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وائرس جي پکيڙ روڪڻ جي لاءِ بنگلاديش جي حڪومت طرفان کنيل ق??من کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجز جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ کنيل ق??من جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان شيخ حسينه واجد کي پنهنجي حڪومت طرفان عوام جون زندگيون ۽ معاش جو ذريعو بچائڻ جي لاءِ کنيل ق??من جي باري ۾ ٻڌايو. هن بنگلاديش جي وزيراعظم کي اسرندڙ ملڪن جا قرض معاف ڪرڻ جي حوالي سان عالمي سطح تي شروع ڪيل پنهنجي ق??من ۽ ڳالهين کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم بنگلاديش ۾ تا??ي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي به افسوس ۽ همدر??ي جو اظهار ڪيو ۽ ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيندڙن جي جلد بحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي رابطن ۽ عوام جي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا تي زور ڏنو، وزيراعظم عمران خان سارڪ سان پاڪستان جي ڪمٽمينٽ جو اعلان ڪن??ي پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون وڌائڻ جي سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.