اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) اين سي او سي عوام کي محرم دوران ڪورونا وائرس ايس او پيز جي تعميل کي يقيني بڻائڻ جي اپيل ڪئي آهي، نيشنل ڪمانڊ ??ين?? آپريشن سينٽر (اين سي او سي) عوام کي گذ??رش ڪئي ته هو محرم الحرام جي مجلسن ۽ جلوسن دوران ايس او پيز تي عمل کي يقيني بنائين ته جيئن ڪورونا وائرس جي موذي مرض کان بچي سگهجي، اين سي او سي جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙجڻ، حفاظتي ره??ما اصولن سان اسڪولن جي ٻيهر کولڻ ۽ ان بيماري ۾ گهٽتائي جي رجحانن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، فورم وبائي بيماري ۾ گهٽتائي کي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان بيماري جي پکيڙجڻ ۾ گهٽتائي واقع ٿي آهي.