اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مهانگن منصوبن جو ??ار عوام کي کڻڻو پوي ٿو، سي پيڪ ڪنهن مخصوص پارٽي جو نه پر پاڪستان جي عوام جو منصوبو آهي. سماجي ر??بط?? جي ??يب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغا??ن ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ هن چيو ته (ن) ليگ جا نيب زده اورنج ٽرين جي ??اڻمرادي افتتاح تي اصل ۾ قومي ناڻي جي ڦرلٽ ۽ عوامي وسيلا هڙپ ڪرڻ جو جش ملهائي رهيا آهن.