اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ذاتي م??ادن لاءِ ملڪ جي سيڪيورٽي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، معيشت جي استحڪام لاءِ امن ۽ سياسي استحڪام ضروري آهي، اسان چاهيون ٿا ته ادارا مضبوط هجن، انهن جا اڳواڻ پرڏيهه ۾ ويهي م??ڪ جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ دشمن جي زبان نه ڳالهائين، آزاد بلوچستان جو نعرو اسان جي دشمنن جو بيانيو آهي، مخالف ڌر کي اهڙو بيانيو نه ڏيڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ افراتفري ۽ غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿئي، ڪورونا وبا اڃان موجود آهي ختم ناهي ٿي، اسان کي و??ا کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن، معيشت کي ترقي جي لاءِ سياسي استحڪام گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ ۾ مخالف ڌر ميمبرن ??ار??ن پشآور ۾ دهشتگردي جي و??قعي جي حوالي سان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي ڪيو، وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پشاور ۾ دهشتگردي جي و??قعي ۾ جيڪي شهادتون ٿيون آهن انهن تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ پوري م??ڪ ۾ مذمت ڪئي و??ي آهي، وزيراعظم به ان حوالي سان پنهنجو بيان جاري ڪيو ۽ سڄي دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي حوالي سان اسلامي م??ڪن جي سربراهن کي خط به لکيو ويو آهي، گستاخي رسول ﷺ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي.