اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري ڀارت کي دنيا ۾ ڌار ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر ??ودي جو اصل چهرو ب?? نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هو ريڊيو پاڪستان جي اهتمام هيٺ خصوصي مشاعري کي خطاب ڪري ره??و هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ پوري دنيا ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين جي معاملي تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته گذريل س??ل 5 آگسٽ تي هندستان پنهنجي آئين جي ٻن آرٽيڪلز کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن سان نه رڳو ڪشميرين جي خودمختياري محدود ٿي وئي پر ڪشميرين کي بدترين ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو پيو، رياست کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته مودي جو هندستان بي مثال قربانيون ڏيندڙ بهادر ڪشميرين جي آزدي جي جدوجهد کي چيڀاٽي نٿو سگهي