اسلام آب??د ?? 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ لوٽا ڪريسي جو خالق مريم صف??ر جو والد محمد نواز شريف آهي، گلگت بلتستان جي عوام پاران پي ٽي آءِ جي پذيرائي مان ثابت ٿي چڪو آهي ته گلگت بلتستان جو معرڪو پي ٽي آءِ هڻي چڪ?? آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي وارن کان جي بي جي عوام پڇي ره?? آهي ته 10 سالن ۾ جيڪي ڪجهه نه ڪري سگهيا اهو آئنده گلگت بلتستان لاءِ ڇا ڪندا، مريم ۽ بلاول جون پارٽيون گلگت بلتستان جي عوام جي نظر ۾ ڪري چڪيون آهن، شڪست انهن جو مقدر بڻجي چڪ?? آهي، مخالف ڌر اڳواڻن جي گفتگو تي پنهنجي رد عمل ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ مريم صف??ر جي گلگت بلتستان ۾ خطاب ۾ روايت موجب سندن لهجو شڪست کاڌل ۽ انتهائي مايوس ڪندڙ هو، هنن پنهنجي تقرير ۾ لوٽن ۽ ڌانڌلي جو ذڪر ڪيو جيستائين لوٽن جو تعلق آهي ته کين ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته سندس والد محمد نواز شريف لوٽا ڪريسي جو خالق آهي جنهن جي پهرين فيڪٽري ڇانگامانگا تي لڳائي وئي، هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ گذريل 5 سال (ن) لگ جي حڪومت رهي، ناقص ڪارڪرد??ي تي خبر پئجي چڪ?? آهي ته شڪست توهان جو مقدر آهي.