اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آه?? ته 1951ع کان شروع ٿيندڙ پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جو بنياد برابري، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ هر شعبي ۾ تعاون تي ٻڌل آه??. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلچرل شو کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ چين جي سفير سن وي ڊونگ ۽ ننگشياء ??ي نائب گورنر وا??گ هيشان پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته سفارتي لاڳاپن جي 65 هين سالگرهه جي م??اسبت سان منعقد ٿيندڙ ڪار ريلي جي شرڪت ڪندڙن ۽ وڏي انگ ۾ حاضرين ??ڻ موجود هئا. اطلاعات واري وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ ناقابل فراموش ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو، ڪار ريلي ۽ چين کان ايندڙ فنڪارن کي ڀليڪار چوندي هن ننگشياء ??ي نائب گورنر وا??گ هيشان کي ڪار ريلي م??عقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس ذاتي طور تي هتي م??جودگي ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي.