ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ فوري طور تي جنگ جو خط??و نه آهي، خدشو آهي ته ڀ??رت پلواما طرز جو حملو ڪري پاڪستان کي ذميوار بڻائي سگهي ٿو، ڀارت سان سمورا تڪرار پ??ام?? طر??قي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪشمير تسليم ٿيل عالمي تڪرار آهي، ان تي گڏيل قومن جون 11 قراردادون موجود آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپا فروغ وٺي رهيا آهن، پاڪستان افغانستان جي صورتحال کان متاثر ٿيندو آهي، افغانستان ۾ امن ٿيندو ته وچ ايشيا تائين واپار ممڪن ٿيندو، آمريڪا سمجهي ٿو ته افغانستان جي مسئلي جو حل طاقت جي استعمال سان ممڪن آهي پر آخرڪار ان کي ڳالهيون ڪرڻيون پيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ميڊيا ڪائونسل کي خط??ب ڪندي ڪيو