پاناماسٽي- 08 جون (اي پي پي) مرڪزي آمريڪي ملڪ پاناما جي ڏکڻ اولهه واري شهر سينٽيا گوڊي ويراگوس ۾ يونيورسٽي آف پاناما جي ڪيمپس ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب هڪ شاگرد مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. فرانسيسي خابرو اداري مطابق ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته ٻن هٿياربندن يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ شاگردن جي گروپ تي فائرنگ ڪئي جنهن سبب هڪ شاگرد مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.