ڪراچي – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال جي باوجود مخالف ڌر پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ عوام کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿ??، جنهن بيان??ي تي اهي ماڻهو هلي رهيا آهن اهو ملڪ دشمنن جو بيانيو آهي، 13 ڊسمبر جي جلسي سان اسان کي ڪو خطرو نه آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون هڪ صفحي تي نه آهن. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مخالف ڌر وٽ ڪو پلان نه آهي، هي اقتدار کي پنهن??و پيدائشي حق سمجهن ٿا.