اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ”راست“ نظ??م جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي، ر??ست پروگرام سان غربت جي خاتمي ۾ به مدد ملندي، بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ سان ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو مستحڪم ٿيو. پاڪستان جي پهرين فوري ڊيجيٽل ادائيگي ج?? نظام ”راست“ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم ر??ست نظ??م جاري ڪرڻ تي اسٽيٽ بئنڪ کي مبار??با?? ڏيندي چيو آهي ته ر??ست نظ??م جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي، ان سان ادائيگين ج?? نظام کي محفوظ ۽ موثر بڻائي سگهبو. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، 22 ڪروڙ جي آبادي مان رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا ۽ انهن مان به 70 سيڪڙو ٽيڪس رڳو 3 هزار ماڻهو ڏين ٿا، گهٽ روينيو جي ڪري اسان ملڪي تعمير ۽ ترقي تي وڌيڪ خرچ نه ٿا ڪري سگهون.