اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعليم لاءِ ??رقياتي بجيٽ وڌائڻ لاءِ ??ج??يز??ن طلب ڪند?? چيو آهي ته قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ ??ديد علم جي تدريس نهايت اهم آهي، ان لاءِ ??المي معيار جي ادارن جو قيام بهترين قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نالج اڪانومي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف، نالج ٽاسڪ فورس جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وزيراعظم کي هري پور هزاره ۾ پاڪستان آسٽرين يونيورسٽي آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ انجنيئرنگ جي اڍائي سالن جي رڪارڊ مدي ۾ تڪميل جي حوالي سان آگاهه ڪيو، منصوبي جي منظوري 2018ع ۾ ٿيڻ کانپوءِ ??ن جي تڪميل ۽ ڪلاسن جو آغاز سيپٽمبر 2020ع ۾ ٿي چڪو، يونيورسٽي 8 عالمي (3 آسٽرين، 5 چيني) يونيورسٽين سان ڳنڍيل آهي جتي مقامي شاگردن کي اعليٰ تعليمي سهولتون ۽ جديد علم پڙهايو پيو وڃي، ان کانسواء?? وزيراعظم کي عالمي سطح تي مستقبل ۾ نهايت اهميت رکندڙ 12 جديد ٽيڪنالاجيز جي تعليم ۽ ترويج لاءِ ??ڪمت عملي تي به بريف ڪيو ويو.