دوشنبي-30 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان تاريخي ۽ ڀائپيءَ وارن لڳ??پن کي خاص اهميت ڏئي ٿو. اهڙو اظهار هن دوشنبي ۾ منعقد نائين هارٽ آف ايشي?? استنبول پراسيس اجلاس جي موقعي تي افغان هم منصب محمد حنيف آتمر سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳ??پن ۽ افغان امن عمل سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.