اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪڌي فعل جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??هو ڪڌو فعل اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ هڪ اشتعال انگيز اسلامو فوبڪ نفرت انگيز ڏوهه آهي، اهڙي طرح جي جارحاڻي ڪاررواين سان سڄي دني?? جي ڏيڍ ارب مسلمانن جي جذبن کي شديد ٺيس پهتي آهي ۽ ان سان ??ال??م برادري جي وچ ۾ انتشار پيدا ٿي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان جو سدائين اهو موقف رهيو آهي ته ??ظهار راءِ جي آزادي ذميوارين سان اچي ٿي، اسان اهو به مڃون ٿا ته ??ها حڪومتن ۽ ??ال??ي برادري جي ذميواري آهي ته ??هي اهڙي ڪڌي ڪاررواين کي روڪين جيڪي مذهبي نفرت ۽ تشدد کي هوا ڏيڻ ۽ ڀڙڪائڻ جي ڪڌ مقصدن سان ڪيون وڃن ٿيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??ال??ي برادري کي اسلامو فوبي?? جي خلاف پنهنجو گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گذريل سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي ??ال??ي ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ جيڪا قرارداد منظور ڪئي هئي ان جي پٺيان اهو ئي روح ڪارفرما هو. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا خدشا هالينڊ جي عملدارن تائين پهچايا پيا وڃن، اسان انهن تي زور ڏيون ٿا ته ??هي پاڪستاني عوام ۽ سڄي دني?? جي مسلمانن جي جذبن جو خيال رکن ۽ اهڙي طرح جي نفرت انگيز ۽ اسلامو فوبڪ ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي.