گلگت بلتستان – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته اسلام آباد ۾ سياسي بيروزگار گڏ ٿيا آهن، ??هي جيترا ڏينهن چاهين احتجاج ڪن، کاڌو ختم ٿيڻ تي کين فراهم ڪيو ويندو، حڪومت ته ننڍڙي شيءَ آهي آئون هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر انهن کي نه ڇڏيندس، جيستائين ڪرپشن ڪندڙ جيل ۾ نه ويندا ۽ عوام آڏو مثال نه بڻجندا تيستائين ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو، غربت جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آ??ي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ ??ي ڪارڪنن کي پتو ئي نه آهي ته ??هي ان احتجاج ۾ ڇو شريڪ آهن، آئون الله سان واعدو ڪري آيو آهيان ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس. گلگت بلتستان ۾ آزاد?? جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چ??و ته جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن ٿيندي آهي ته ادارا تباهه ٿي ويندا آهن ۽ ملڪ جي تب??هي جي ذميدار ڪرپشن هوندي آهي.