اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي صح??في?? ۽ ميڊيا ورڪرز جي آسانين جو سال قرار ڏيندي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي خاطري ڪرائي آهي ته صح??في?? ۽ ميڊيا ورڪرز جي نوڪرين جي تحفظ، هيلٿ انشورنس ۽ اي او بي آءِ کان رجسٽريشن جي لاءِ جرنلسٽ پروٽيڪشن قانون مشاورتي عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو ويزن ۽ واضح هدايتون آهن ته صح??في?? ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن ??ي ادائگي، نوڪرين جي تحفظ ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ جو معاملو مستقل ب??يادن تي جلد حل ڪيو وڃي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي صح??في?? جي تحفظ، پگهارن ۽ رهتن جي ادائگي جي معاملن تي بريفنگ ڏئي رهي هئي.