اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وف??قي ڪابينا پائيدار حڪمت عملي تحت معاشري جي ڪمزور ۽ وچو??ي طبقي جي سهولت لاءِ 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي اٽي، گيهه، کنڊ ۽ دالين تي 5 مهينن دوران 10 ارب جي سبسڊي ڏيڻ، ڪامياب جوان پروگرام تحت يوٽيلٽي اسٽورز جي تعاون سان 2 هزار يوٿ اسٽور کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، مذهبي معاملن واري وف??قي وزير پير نورالحق قادري سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مهانگائي جي خلاف عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت پاران وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي.