اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 4646 نوان ڪيسز، 105 فوتگيون رپورٽ ٿي??ن آهن جنهن کانپوءِ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 1،08،317، ۽ فوتگيون 2172 ٿي وي??ن آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي تازي اپ ڊيٽ موجب ڪورونا وائرس جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 71 هزار 127 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب پنجاب ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 40 هزار 819 تائين پهچي ويو آهي، سنڌ 39 هزار 555 ڪورونا ڪيسز رپورٽ ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ ڪيسن جو انگ 14 هزار 06 ۽ اس??ام آباد ۾ 5785 ٿي ويو، بلوچستان ۾ 6788، گلگت بلتستان ۾ 952 ڪيس رپورٽ ٿيا، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 412 ٿي ويو. سڄي ملڪ ۾ هيستائ??ن 35 هزار 18 مريض مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 105 فوتگيون ٿي??ن آهن.