اسلام آباد 211; 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي جي معاملن بابت خاص صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته منهنجي خلاف غلط افواهون ڦهلايون پيون وڃن، مون وٽ پاڪستان ک??نسواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ناهي، مان پاڪستان حڪومت کي پنهنجي شهريت بابت پهريان ئي قسم نامو جمع ڪرائي چڪو آهيان. پنهنجي اثاثن ۽ شهريت بابت وضاحتي بيان ۾ خاص صلاحڪار چيو ته پنهنجي موجوده ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪا ناهيان ويو، مون کي آمريڪا مان ڪا به آمدني نه ٿي اچي، منهنجي پرڏيهه ۾ ڪا به اربن يا لکن جي جائيدا?? ناهي. هن چ??و ته منهنجي يا منهنجي خاندان وٽ پاڪستان ک??نسواءِ ڪنهن ملڪ ۾ ڪا به جائيدا?? ناهي، غلط فهمي نه ڦهلائي وڃي.