اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسمگلنگ جو ناسور ملڪي معيشت لاءِ زهر قاتل آهي، اسمگلنگ جي موثر روڪٿام حڪومت جي ترجيح آهي، سرحدي ع??ائ??ن جي عوام کي روزگار لاءِ متبادل ذريعن جي فراهمي لاءِ ٽريڊ مارڪيٽس جي قيام جي تجويز قابل تحسين آهي، وزيراعظم سرحدي ع??ائ??ن ۾ ٽريڊ مارڪيٽس جي قيام جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خصوصي م??او?? ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، خصوصي م??او?? يوسف بيگ مرزا، لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسر شرڪت ڪئي.