اسلام ??باد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، ??عاشي استحڪام ۽ رليف جو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 23 سال مسلسل جدوجهد کانپوءِ پاڪستان کي استحڪ??م پاڪستان جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، ??و روايتي سياستدان نه پر هڪ مقبول ??ڳو??ڻ آهي جيڪو ذاتي فائدي بدران قومي مفاد کي ترجيح ڏيندي عوام ??ي خوشحالي ۽ آئنده نسلن جو سوچي ٿو، 2020ع وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي استحڪام ??ان حاصل ٿيندڙ ثمر عوام ??ائين پهچائڻ جو سال هوندو، دنيا جي سامهون ملڪ جو م??بت تشخص ۽ روشن چهرو اجاگر ڪرڻ ۽ قومي بياني جي فروغ ۾ قومي خابرو ادارو ”اي پي پي“ اهم ڪردار رکندڙ آهي، عمران خان جي ويزن موجب اي پي پي کي اهڙو ادارو بڻائينداسين جو سڄي دنيا جا خابرو ادارا ان کي رول ماڊل قرار ڏئي ان جي تقليد ڪندا. هو نيشنل لائبريري ۾ قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.