اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي پي??ڪوهه ڊيره بگٽي ۾ حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري هيضي جي وبا تي ضابطو آندو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب 3615 متاثرين جي مڪمل صحتيابي کانپوءِ اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن جو انگ 3 رهجي ويو. پي??ڪوهه ڊيره بگٽي ۾ گذريل ڏينهن هيضي جي وبا پکڙجڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ انتظام ڪيا ويا، ان ڏس ۾ وزيراعظم کي بلوچستان حڪومت پاران حتمي رپورٽ پي?? ڪئي وئي. رپورٽ موجب پي??ڪوهه ڊيره بگٽي ۾ هيضي جي وبا جو ڦهلاءُ پٿر نالي جي قدرتي چشمي مان پاڻي جي استعمال سان ٿيو. وزيراعظم جي هدايت کانپوءِ پاڻي جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ انتظام ڪيا ويا جڏهن ته ان جي ڪلورينشن کانپوءِ ان کي پي??ڻ کانسواءِ استعمال جي لاءِ کوليو ويو آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ص??بائي حڪومت پاران فوري طور تي دوائن جي فراهمي لاءِ فنڊز فراهم ڪيا ويا، پي??ڪوهه ۾ هنگامي بنيادن تي ٻه ميڊيڪل ڪئمپس ۽ بي ايڇ يو پي??ڪوهه کي 20 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهڻ سان گڏوگڏ ڪوئيٽا مان 24 ڊاڪٽرن ۽ 32 پي??اميڊيڪل اسٽاف جي عملي کي پي??ڪوهه مقرر ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پي??ڪوهه ۽ ڊيره بگٽي ۾ ليبارٽريون قائم ڪيون ويون ان کانسواءِ مقامي انتظاميا جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ گهر گهر آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٽيمن جي جوڙجڪ ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ آپريشن جي نگراني جي لاءِ منشيات جي خاتمي وارو وزير نوابزاده شاهه بگٽي، چيف سيڪريٽري بلوچستان، صوبائي هيلٿ سيڪريٽري ۽ لا??اپ??ل اعليٰ عملدار موقعي تي موجود رهيا، صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پليٿا پڻ ڊيره بگٽي جو دورو ڪيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪروڙ رپين جي فراهمي ۽ پي ڊي ا??م اي پاران 4000 گيلنز صاف پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ٽينڪس فراهم ڪيا ويا. وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي پي??ڪوهه زينڪوهه ۾ واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پي?? وڃن. متاثر ماڻهن کي فوري طور تي طبي امداد سان گڏوگڏ صاف پاڻي ۽ کاڌي پي??ي جون شيون فراهم ڪيون ويون. رپورٽ موجب ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ ايمبولينس، دوائون، هڪ 12 بسترن تي ٻڌل اسپتال فراهم ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءُ جي لاءِ گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي آهي.