اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، پاڪستا?? جي تاريخ ۾ پهريون ??يرو ذاتي کيسا ڀرڻ بدران قومي ناڻو ڀريو پيو وڃي، اقتصادي ۽ معاشي قدمن سان سيڙپڪاري کي فروغ ۽ صنعتي ترقي جا موقعا وڌندا، هلندڙ مالي سال دوران واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، روانگي واپار ۾ 4 سيڪڙو اضافو جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو ??ي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو ??هي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اقتصادي معاملن واري ڊويز?? جي وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ??اڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو ??ي چيئرمين سيد شبر زيدي چيو ??ه قومي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي ۽ عوام کي ان جا ثمر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تحت قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن قومي روانگي واپار کي فروغ ملي ۽ ملڪ ۾ صنعتي، واپاري ۽ اڏاوتي سرگرمين کي وڌائي سگهجي.