اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪرونا وائرس جي ڪري ملڪي معيشت ت?? امڪاني اثرن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن جي حوالي سان اعل??ٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان مجموعي ملڪي معاشي صورتحال جو جائزو، وبائي صورتحال جي نتيجي ۾ معيشت ت?? اثرن ۽ عوام خ??ص طور تي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي ان صورتحال ۾ حڪومت پاران رليف ڏيڻ جي حوالي سان ممڪن آپشنز ۽ تجويزن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.