اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ منظرعام تي آندي وئي آهي، هاڻي پئسو ٺاهيندڙن کان پئسو واپس وٺڻو آهي، ان جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ روايت رهي آهي ته ڪميشن ٺهنديون رهيون پر رپورٽ سامهون نه ايندي هئي. هو پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ??ري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ڪري ملڪ پٺتي و??ندو رهيو، تحريڪ انصاف احتساب جو نعرو هنيو ۽ ان تي پورو لهندي، اسان حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ واعدو ڪيو ته احتساب س??ني جو ٿيندو، وزيراعظم عمران خان کنڊ جي معاملي تي پاڻ ڪميشن ٺ??هي.