اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪر?? ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 426 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض سڄي مل?? جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪر?? فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 هزار 830 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 8 هزار 641، پنجاب ۾ 9 هزار 75، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 246، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 894، بلوچستان ۾ 509، گلگت بلتستان ۾ 251، آزاد ڪشمير ۾ 214 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي مل?? ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 86 هزار 506 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت و??نٽ?? ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي مل?? ۾ ڪورونا جي لا??ِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 و??نٽ?? ليٽرز تي 96 ڪورونا جا مريض آهن، هيستائين سڄي مل?? ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 659 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 340، بلوچستان ۾ 13 هزار 402، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 68، اسلام آباد ۾ 15 هزار 780، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 711، پنجاب ۾ 97 هزار 389 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 969 مريض آهن، سڄي مل?? ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 359 آهي.